سر سامونڊي

سر سامونڊي

سر سامونڊي

سر سامونڊي (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سامونڊي تي لکيل مقالن جو ڪتاب جنهن کي نالي واري ليکڪ حميد سنڌي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ 23 مقالا شامل آهن. جن شاهه سائينءَ جي ’سر سامونڊيءَ‘ جو تحقيقي نموني جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب جي مقالان نگارن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، تاج صحرائي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو سر سامونڊيءَ جو مطالعو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، نذير ناز کانسواءِ ٻيا تحقيقي مقالا پڻ شامل آهن. 229 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ’شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ 1997ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.


لفظ سر سامونڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو